دريا خان واهه

دريا خان واهه: سنڌ جي سمي حاڪم ڄام نظام الدين جي سپهه سالار ۽ وزيراعظم دولهه دريا خان تعميرات ۽ کوهن ۽ واهن کوٽائڻ ۾ وڏي دلچسپي رکندو هو. هن سنڌ جي زراعت جي بهتريءَ لاءِ ڪيترا واهه کوٽايا، جهڙوڪ: خان واهه (ٺٽو)، ساوهه واهه (لڳ منڇر)، ڪاڇي واهه (بوبڪ) ۽ خان واهه'>دريا خان واهه (سڪرنڊ) وغيره. کوٽايا ته جيئن عام ماڻهن کي پيئڻ توڙي پوکي راهيءَ لاءِ پاڻي ميسر ٿي سگهي. دولهه دريا خان جو کوٽايل ’خان واهه'>دريا خان واهه‘ موجوده سڪرنڊ شهر کان ڏکڻ اولهه طرف سنڌو درياهه مان کوٽائي سڪرنڊ واري ڍنڍ ۽ دليل ديري واري ڍنڍ سان ملايو ويو، جنهن جا آثار ۽ هڪ پاسي وارو بند اڃا سلامت آهن. هي واهه سن ۽ مانجهند جي وچ واري علائقي سامهون درياهه جي ٻيءَ ڀر کوٽايو ويو هو، جيڪو موريي لاکي، پَئي ٻيلي ۽ تَلي ڳوٺن کان گذرندو هو. موريو لاکو شهر ڪنهن زماني ۾ وڏو واپاري مرڪز هو. هن ڳوٺ وٽ ’خان واهه'>دريا خان واهه‘ جي ڪنڌيءَ تي واپاري ٻيڙيون اچي بيهنديون هيون. هي سڄو علائقو دولهه دريا خان جي جاگير ۾ شامل هو. هي اهو ئي علائقو آهي، جتي سما قبيلن، ارغونن ۽ ترخانن سان جوٽڻيون ڏنيون هيون.
هن واهه جي باقيات کي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته ان دؤر ۾ لهاڻي درياهه جا منهن شايد بند ٿي ويا هئا، لهاڻو درياهه، دليل ديري کان ٿيندو، شهدادپور ۽ اگهم ڪوٽ وٽان گذرندو هو. انگريزن جي دؤر تائين ’خان واهه'>دريا خان واهه‘ ۾ پاڻي وهندو هو. بندن جي تعمير وقت هن واهه لاءِ هڪ گيٽ لڳايو ويو هو ۽ مختلف لنگهن وٽان هن واهه تي پڪين سِرن جون پليون به ٻَڌايون ويون هيون. اهڙي هڪ پل جا نشان اڃا موجود آهن. باقاعدي بئراج سسٽم اچڻ کان پوءِ هي واهه ڦٽي ويو ۽ اُن جون ڪنڌيون ڊاهي اُتي مقامي ماڻهن زمينون آباد ڪري ڇڏيون.


لفظ دريا خان واههھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو